پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا

پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب خوشحال مصري فقير مخمور جي شخصيت ۽ ڪلام تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي محمد رمضان مسڪين سروريءَ سهيڙيو آهي. هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، ڀاڱي پهرين ۾ مصري فقير ’منهنجي نظر ۾‘، مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم جميل الزمان، شهباز علي ملازم ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن، ٻئي ڀاڱي ۾ رحيم بخش، رجب علي، جليس، نسيم بلوچ ۽ ٻين جون لکڻيون شامل آهن، ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ تعزيتي نوٽ، خط، ڪالم۽ مصري فقير جي شاعري شامل آهي، 208 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي، هيءُ ڪتاب 2006ع ۾ بزم طالب الموليٰ شاخ سرهاڙيءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو